خورشيد شاهه جي ضمانت رد ڪرڻ خلاف درخواست سکر منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو يعني نيب غير قانوني اثاثن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد احمد  شاهه جي ضمانت منظور ڪرڻ بابت احتساب عدالت سکر جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ نيب پاران ڄاڻايل درخواست جي ڪراچي بئنچ  ۾ ٻڌڻي ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست رد ڪندي  درخواست کي  ٻڌڻي لاءِ سکر جي سرڪٽ بئنچ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب پاران پي پي اڳواڻ جي ضمانت منظور ڪرڻ بابت احتساب عدالت جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي پرنسپل سيٽ ڪراچي ۾ درخواست داخل ڪرائيندي عرض ڪيو ته احتساب عدالت 90 ڏينهن اندر ريفرنس داخل نه ڪرڻ جي بنياد تي خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪئي آهي جيڪا قانون جي خلاف آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف غير قانوني اثاثن بابت انڪوائري هلندڙ آهي جنهن بابت لاڳاپيل عدالت کي باقائده ڄاڻ پڻ ڏيندا رهيا آهيون پر ان باوجود احتساب عدالت سکر خورشيد احمد شاهه جي ضمانت منظور ڪئي آهي جنهن جو احتساب عدالت کي ڪو اختيار نه هو. نيب پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت نيب کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ بنا ئي خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته خورشيد شاهه رمانڊ تي آهي جنهن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ سان ڪيس جي جاچ تي منفي اثر پوندا جنهنڪري گذارش آهي ته سيد خورشيد احمد شاهه جي ضمانت منظور ڪرڻ بابت احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ سندس رليز آرڊر جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي.  واضح رهي ته گذريل ڏينهن سکر جي احتساب عدالت غير قانوني اثاثن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سيد خورشيد شاهه جي 50 لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو