اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف ليسڪو اهلڪارن تي وارادات (ڀَت خوري) جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته ٽرانسفارمر جي مرمت لاءِ بنا ڪنهن رسيد جي 80 هزار رپيا وصول ڪيا ويا.دفاع واري وزير خواجه آصف ايڪس تي لکيو آهي ته منهنجي گهريلو ملازم جي ڳوٺ ۾ ڪلهه ٽرانسفارمر سڙي ويو، جنهن تي ليسڪو جي هڪ پراڻي مهربان کي فون ڪيو ته ڪنهن کي چئي مهرباني فرمائي. هن وڌيڪ لکيو ته ملازمن ٽرانسفارمر مرمت ته ڪري ڏنو پر ان جا 80 هزار رپيا ورتا، ڳوٺ وارن چندو گڏ ڪري ليسڪو جي ملازمن کي 80 هزار رپيا ادا ڪيا پر رسيد ڪنهن به نه ڏني، باقي توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا. خواجه آصف اهو به لکيو ته هي حال آهي جو بجلي جو هڪ اڳوڻو وزير سفارشي هجي ۽ هو موجوده ڪابينه جو ميمبر به هجي، ان جي سفارش تي به واردات ڪرڻ کان مڙس نٿا ٿين، ته پوءِ عام واهپيدار (صارف) جو ڪهڙو حال هوندو، رقم جي باقاعدي ادائگي ڪئي وئي آهي پر ليسڪو رسيد ڏيڻ کان انڪاري آهي.










