خواجه آصف ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

خواجه آصف ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف ضمانت جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.بئريسٽر حيدر رسول مرزا جي حوالي سان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ مني لانڊرنگ ۾ 29 ڊسمبر تي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو. پر نيب طرفان جاچ جي لاءِ ڪوبه رڪارڊ احتساب عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.خواجه آصف چيو ته نيب کي ڪيس جو رڪارڊ اڳ ئي فراهم ڪري چڪو آهيان. احتساب عدالت جي جج به نيب وٽ سمورو لاڳاپيل رڪارڊ هجڻ جي آبزرويشن ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن ۽ ايف بي آر وٽ اثاثن جا سمورا تفصيل موجود آهن. ان ڪري عدالت گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو