خواجا اپوزيشن کي ورهائڻ لاءِ مون خلاف بيان ڏنو،زرداري

خواجا اپوزيشن کي ورهائڻ لاءِ مون خلاف بيان ڏنو،زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عدالت ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته جڏهن اپوزيشن ۾ هوندا آهيون ته اهڙي قسم جا ڪيس ٺهندا رهندا آهن، هي ڪيس اسان جا ڏٺل آهن. نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف طرفان سندس بابت ڏنل بيان جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خواجه آصف ڪنهن جي چوڻ تي بيان ڏنو هوندو، هن جيڪو بيان ڏنو ان جو مقصد اپوزيشن کي ورهائڻ هو. نواز شريف جي ٽي وي تي تقرير تي پابندي واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هاڻي ٽي وي تي ڪنهن جي تقرير روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، موبائل جي صورت ۾ ماڻهن جي هٿن ۾ هاڻي ٽي وي آهي. وفاقي حڪومت جي لاءِ ڪيترو وقت ڏسي رهيا آهيو؟، واري سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر چيو ته هاڻي ته اسان بسم الله ڪئي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خواجه آصف چيو هو ته آصف زرداري بابت خدشا آهن، ان تي اسان يقين نٿا ڪري سگهون. بيان جو نواز شريف نوٽيس ورتو هو جنهن بعد خواجه آصف معافي وٺندي چيو هو ته سندس بيان غلط انداز ۾ شايع ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو