پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر سيف ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو آهي ته خواجا آصف شوشو ڇڏڻ جو ماهر آهي، اڄ به شوشو ڇڏي ويو آهي، شريف خاندان هميشه ٻاهرين طاقتن جي اشاري تي ڇڏي آهي.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا باني ٻاهر نڪري وڃن ها ته هو ايترا ڏينهن جيل ۾ نه وڃن ها، خواجا آصف ۽ شريف خاندان جو اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.بئريسٽر سيف الله چيو ته پي ٽي آءِ جي باني وٽ شريف خاندان وانگر محلات ناهن. هن اهو به چيو ته خواجا آصف بي بنياد بيانن ذريعي غلط ڄاڻ پکيڙڻ کان پاسو ڪري.










