خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ايراني صدر سان تعميري ڳاله ٿي،شهباز

خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ايراني صدر سان تعميري ڳاله ٿي،شهباز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ): وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هن خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ايراني صدر مسعود پيشڪشيان سان دوستانه ۽ تعميري ڳالهيون ڪيون. آچر تي پنهنجي پيغام ۾، وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ تاريخي ڳالهين لاءِ اعليٰ سطحي ايراني وفد جي شرڪت ۽ تهران ۾ سيد عاصم منير سان تازين ڳالهين جي تعريف ڪئي. وزيراعظم چيو ته هن ايراني صدر کي سعودي عرب، قطر ۽ ترڪي جي اڳواڻن سان پنهنجي تازين ملاقاتن مان حاصل ڪيل معلومات ۽ خيالن کان به آگاهه ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته پاڪستان، دوست ملڪن ۽ ڀائيوارن جي مدد سان، خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ مخلص ۽ غير جانبدار سهولتڪار جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار مڪمل طور تي ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو