خضدار ۾ سياسي اڳواڻن جي گهرن تي دستي بم حملا، 7 محافظ زخمي

خضدار ۾ سياسي اڳواڻن جي گهرن تي دستي بم حملا، 7 محافظ زخمي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي دو تلوار ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ آغا شڪيل احمد دراني ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر آغا شاهزاب دراني جي گهر تي نامعلوم ماڻهن دستي بم سان حملو ڪيو آهي. رپورٽ موجب اهو حملو جمعي جي رات دير سان پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ گهر جا 7 محافظ معمولي طور تي زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي خضدار شهزادي عمر عباس بابر واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملي آورن گهر جي ٻاهرين ڀت تي دستي بم اڇليو جنهن سبب ڌماڪو ٿيو. هن چيو ته اها هڪ بزدلاڻي ڪارروائي آهي جيڪا علائقي ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي، خوش قسمتي سان ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، البته 7 محافظن کي معمولي زخم آيا آهن. ڌماڪي جي فوري بعد پوليس ۽ ٻئي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو جنهن کان پوءِ حملو ڪندڙن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ گواهن جي بيانن جي مدد سان جاچ جاري آهي حملو ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪنداسين ۽ انهن جي پٺيان لڪل عناصرن کي بي نقاب ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته زخمي محافظن کي فوري طور تي خضدار ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي.اسپتال ذريعن موجب سمورن زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي انهن کي جلد ڊسچارج ڪيو ويندو اهو واقعو بلوچستان ۾ سياسي اڳواڻن تي حملن جي تازي لهر جو حصو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي انهي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ انهي کي دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهڙا واقعا عوام ۽ سياسي قيادت جي ارادن کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ حڪومت طرفان متاثرين کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. وڏي وزير قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فوري جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.پ پ پ اڳواڻ آغا شڪيل احمد دراني خضدار جو اڳوڻو ڊسٽرڪٽ ميئر به رهي چڪو آهي. هن انهي حملي کي سياسي مخالفن جي سازش قرار ڏنو آهي، هن چيو ته اسان شهيدن جي پارٽي آهيون ۽ اهڙن حملن کان نٿا ڊڄون. بلوچستان ۾ امن جي بحالي اسان جي ترجيح آهي.پوليس موجب حملو ڪندڙ موٽر سائيڪل تي سوار هئا جيڪي ڌماڪي کان پوءِ فرار ٿي ويا، علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. انهي واقعي علائقي ۾ خوف حراس پکيڙي ڇڏيو آهي پر سيڪيورٽي فورسز جي وقت سان ڪارروائي سبب صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته خضدار بلوچستان جو هڪ اهم ضلعو آهي جتي ماضي ۾ به سياسي اڳواڻن تي حملا ٿي چڪا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو