خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جي ڳالهه نه ڪريو، نواز شريف

خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جي ڳالهه نه ڪريو، نواز شريف

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف چيو آهي ته خدا جي واسطي اتحادي حڪومت جو نالو نه وٺو، جيڪڏهن هن ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻا آهن ته ڪنهن هڪ پارٽي کي اڪثريت حاصل ڪرڻي پوندي. لاهور جي قومي اسمبلي جي تڪ 128۾ هن مريم نواز سان گڏ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. جتي استحڪام پارٽي جي عون چوڌري جي هو غمايت ڪري رهيا آهن. شهباز شريف به هن حلقي م صبه جو ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪو هو. ووٽ ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عوام گهرن مان ٻاهر نڪري ووٽ ڪاسٽ ڪري، انشاءَ الله مهانگائي ختم ٿي ويندي ۽ عوام خوشحال زندگي گذارڻ جي قابل هوندو. هن عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته اهي ماڻهو آيا هئا جن ملڪ جو حال خراب ڪري ڇڏيو، جنهن اسان جي سماج ۾ هڪ بگاڙ پيدا ڪيو. گار گند جو ڪلچر متعارف ڪرايو. هڪ سوال تي هن چيو ته مريم جي سياسي مستقبل جو فيصلو چونڊ نتيجن بعد ٿيندو، مريم جي قرباني آهي، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جون به قربانيون آهن، اسين جيل ڪاٽي هتي پهتا آهيون. هن چيو ته عوام ڪنهن به هڪ پارٽي کي واضح مينديٽ ڏي جيئن مضبوط حڪومت قائم ٿئي ۽ حڪومت اتحادين جي محتاج نه هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو