خان ۽ پي ٽي آءِ هر فورم تي دهشتگردن جي حمايت ڪئي آهي

خان ۽ پي ٽي آءِ هر فورم تي دهشتگردن جي حمايت ڪئي آهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ هر فورم تي دهشتگردن جي حمايت ڪئي آهي. ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون ڪندي وفاقي اطلاعات واري وزير جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو. ڪجهه ماڻهو خيبرپختونخواهه ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. تحريڪ انتشار واحد پارٽي آهي جنهن کي شهيدن جي قربانين ۽ ملڪي سالميت سان ڪوبه ڏيڻ وٺڻ نه آهي.هن چيو ته انهي(تحريڪ انتشار کي) صرف انهي ڳالهه سان غرض آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪهڙي طرح ورهاست پيدا ڪئي وڃي، حالتون ڪهڙي طرح خراب ڪيون وڃن، دهشتگردن کي ڪهڙي طرح محفوظ پناهه گاهون ڏنيون وڃن. عمران خان ۽ انهي جي پارٽي عالمي سطح تي دهشتگردن جي سهولتڪار رهي آهي. پي ٽي آءِ باني ۽ انهي جي پارٽي دهشتگردن جي هر فورم تي حمايت ڪئي آهي.عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستاني واحد قوم آهي جنهن جي ٻارن به دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن. اي پي ايس جي ٻارن پنهنجي رت سان قربانين جي داستان لکي. خضدار ۾ ٻار شهيد ڪيا ويا. انهن ٻارن جي قربانين کي ڪهڙي طرح وساري سگهون ٿا؟ هڪ شخص جا 3 ٻار واقعي ۾ شهيد ٿيا هئا ۽ هو همت ۽ حوصلي سان چئي رهيا هئا ته منهنجي حياتي به پاڪستان جي لاءِ حاضر آهي. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام لازوال قربانين جي داستان لکي آهي. پاڪ فوج، سويلينز، دڪاندار، ڊاڪٽرز، انجنيئرز، ٻار، معاشري جو هر طبقو انهن قربانين جي داستانن ۾ روشن باب جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان جي تحت دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين. سموري قوم دهشتگردي کي جڙ کان پٽي اڇلڻ جي لاءِ متحد آهي. پاڪ فوج جي جوانن ۽ ٻارن جي قربانين کي وساري نٿا سگهون. پاڪستان جي لاءِ محب وطن ماڻهن جون قربانيون سڀني جي سامهون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي کي مات ڏني. گذريل دور ۾ هر ڏينهن دهشتگردي جا واقعا ٿيا هئا. پريڊ لائن مسجد ڌماڪي ۾ ماڻهن جي شهادتن کي وساري نٿو سگهجي. فتنته الخوارج جو نه دين سان تعلق آهي نه اسلام سان. مسجدون ۽ معصوم ماڻهن تي حملو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي. عالمن جو خون به ملڪ جي آبياري ۾ شامل آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪ فوج جي قربانين کي ڪوبه وساري نٿو سگهي. آپريشن ردالفساد ۽ آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو. بازارن جون رونقون واپس ٿيون، راندين جا ميدان آباد ٿيا. هن چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص جي خواهش آهي ته لاشن تي سياست ڪيئن چمڪائي وڃي. پيپلز پارٽي پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.

پهنجو تبصرو موڪليو