خان ۽ بشريٰ  جي اپيلن تي اعتراض ختم، خاور مانيڪا کان جواب طلب

خان ۽ بشريٰ جي اپيلن تي اعتراض ختم، خاور مانيڪا کان جواب طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت نڪاح ڪيس ۾ رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اپيلن کي گڏ ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي دوران بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ٿيو.جسٽس گل حسن اورنگزيب سوال ڪيو ته هن درخواست تي ڪهڙو اعتراض آهي؟ سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته مان حقيقتون ٻڌايان ٿو ته هن عدالت سان ڇو رابطو ڪيو آهي. هڪ ايڊمنسٽريٽو آرڊر جوڊيشل رليف وٺڻ کان نٿو روڪي سگهي. جسٽس گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته اوهان چئو ٿا ته سيشن جج کي معاملو واپس اماڻيون يا هاءِ ڪورٽ پاڻ ٻڌي وٺي؟،عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته 29 مئي تي سيشن جج فيصلو ٻڌائڻ جي بجاءِ چيف جسٽس ڏانهن رپورٽ اماڻي. دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ صرف فيصلو اچڻو باقي هو، 29 مئي تي ڪمپلينٽ عدالت تي عدم اعتماد ڪيو. 23 مئي تي سيشن جج چيو ته 29 مئي تي فيصلو ٻڌائينداسين.عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا 28 مئي تي شڪايت ڪندڙ لکت ۾ جج تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو هو. سلمان اڪرم راجا جواب ڏنو ته 29 مئي تي لکت ۾ درخواست نه ڏني وئي پر ان کان اڳ عدم اعتماد جي درخواست ڏني وئي جيڪا رد ٿي وئي هئي. جسٽس حسن اورنگزيب چيو ته ٿي سگهي ٿو ته جج جي ڪيس کان ڌار ٿيڻ جو سبب صحيح نه هجي. جڏهن جج پاڻ ڪيس کان ڌار ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٻيهر ڪيس ان ڏانهن اماڻڻ صحيح آهي.دالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٻئي درخواست ۾ به ساڳئي استدعا آهي؟ جنهن تي بيرسٽر سلمان صفدر جواب ڏنو ته بشريٰ بي بي طرفان درخواست ڪافي مختلف آهي.بشريٰ بي بي جي وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر چيو ته بشريٰ بي بي کي 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. سيشن ڪورٽ ۾ اپيل ۽ سزا جي معطلي جي درخواست تي فيصلو نه پيو ٿئي. اسلام آباد هاءِ ڪوٽ وٽ اختيار آهي ته اها سزا معطلي جو حڪم جاري ڪري. جنهن کان پوءِ عدالت خاور مانيڪا کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 13 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو