اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) گڏيل قومن جي تشدد بابت خاص رپورٽر ايلس جل ايڊورڊز طرفان جاري ڪيل رپورٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها رپورٽ اڊيالا جيل ۾ قيد دوران پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ٿيندڙ “ذلت آميز سلوڪ” کي وائکو ڪري ٿي ۽ اهو “بين الاقوامي قانون ۽ بنيادي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي” جي برابر آهي.
گذريل جمعي تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پي ٽي آءِ باني کي اهڙين حالتن ۾ رکيو ويو آهي، جيڪي “غير انساني يا ذلت آميز سلوڪ” جي زمري ۾ اچي سگهن ٿيون، ۽ اختيارين کي بين الاقوامي اصولن ۽ معيارن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي.
پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل طرفان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾پارٽي چيو ته گڏيل قومن جي رپورٽ بنا ڪنهن شڪ جي ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي، جيڪا هوءَ ڊگهي عرصي کان چوندي اچي ٿي: ته عمران خان کي “غير انساني، غير قانوني ۽ ذلت آميز سلوڪ” جو نشانو بڻايو ويو، جيڪو مڪمل طور سياسي انتقام تي ٻڌل آهي.
پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته رپورٽ عمران خان جي 23 ڪلاڪ اڪيلائي واري قيد، لڳاتار سي سي ٽي وي نگراني، ٻاهرين دنيا کان الڳ رکڻ، وڪيلن ۽ ڪٽنب سان ملاقاتن ۾ رڪاوٽون، مذهبي عبادت کان محرومي، ۽ بنيادي انساني ضرورتن کان محروم رکڻ جي ٻيهر تصديق ڪري ٿي، جيڪي جيل قاعدن جي کليل ڀڃڪڙي ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي قانون جي سنگين لتاڙ آهن.
پارٽي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته: “گڏيل قومن موجب، 15 ڏينهن کان وڌيڪ اڪيلائي وارو قيد نفسياتي تشدد جي زمري ۾ اچي ٿو، جڏهن ته عمران خان کي مهينن کان هن اذيت ناڪ عمل مان گذاريو پيو وڃي.”
پارٽي چيو ته سنگين طبي مسئلن، ڪرنگهي جي هڏي جي زخم ۽ اڳوڻي قاتلاڻي حملي مان لڳل زخم رکندڙ 72 ورهين جي شخص کي اهڙين حالتن ۾ رکڻ، ۽ مناسب طبي سهولتون نه ڏيڻ، سوچي سمجهي ڪيل بي رحمي جي برابر آهي.
پي ٽي آءِ مطالبو ڪيو ته اڪيلائي واري قيد کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، انساني وقار ۽ بين الاقوامي معيارن مطابق قيد جون حالتون مهيا ڪيون وڃن، ذاتي ڊاڪٽرن تائين بنا رڪاوٽ رسائي ڏني وڃي، ۽ عدالتي حڪمن جي سختي سان پابندي ڪندي ملاقاتن ۾ سڀ رڪاوٽون هٽايون وڃن.
بيان جي آخر ۾ چيو ويو آهي ته: “هي معاملو هاڻي رڳو هڪ سياسي قيدي تائين محدود نه رهيو آهي، پر پاڪستان ۾ قانون، انصاف ۽ انساني حقن جي ساک جو امتحان بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن عمران خان سان ٿيندڙ سلوڪ نه روڪيو ويو ته ان کي رياستي سرپرستي هيٺ تشدد جو بدترين مثال طور ڏٺو ويندو.”
ٻئي طرف وزيراعظم جي صلاحڪار رانا احسان افضل گڏيل قومن جي خاص رپورٽر جي نتيجن کي رد ڪندي چيو ته عمران خان سان “جيل قاعدن ۽ جيل مينوئل مطابق” سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته: “سندس ٻارن کي رسائي حاصل آهي، ۽ فون ڪال لاءِ وقت مقرر ڪري مناسب درخواست ڏيڻي پوندي. پاڪستان حڪومت طرفان ڪا به رڪاوٽ يا مسئلو ناهي.”
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي بي ڪلاس قيدي طور “سندس حقن کان وڌيڪ” سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. “هن کي ورزش جون سهولتون ميسر آهن، سٺو کاڌو ملي ٿو، ۽ مناسب جاءِ پڻ موجود آهي.”
عمران خان، جيڪو آگسٽ 2023 کان قيد ۾ آهي، اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي، ۽ ان سان گڏ 9 مئي 2023 جي احتجاجن بابت دهشتگردي ايڪٽ تحت هلندڙ مقدمن کي به منهن ڏئي رهيو آهي.
پي ٽي آءِ باقاعدي طور عمران خان ۽ سندس گهرواري جي صحت بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي رهي آهي. عمران خان جي پٽ قاسم خان، پهرين ڊسمبر تي هڪ انٽرويو دوران خدشو ظاهر ڪيو هو ته اختيارين سندس والد جي حالت بابت “ڪا اهڙي ڳالهه لڪائي رهيا آهن، جيڪا ناقابلِ واپسي هجي.”
عمران خان جي ڀيڻ اعظميٰ خانم 2 ڊسمبر تي چيو ته قيد ۾ موجود سندس ڀاءُ “بلڪل ٺيڪ” آهي، جڏهن کيس ملاقات جي اجازت ملي، جنهن سان اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت هلندڙ افواهن جو خاتمو ٿي ويو هو.
ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو هو ته: “عمران خان جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي۔ البته هو تمام گهڻو ڪاوڙيل هو ۽ چيو ته کيس ذهني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.”
هن وڌيڪ چيو هو ته عمران خان کي سڄو ڏينهن پنهنجي سيل ۾ بند رکيو ويندو آهي ۽ کيس رڳو ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملندي آهي. اعظميٰ خانم موجب، هو ڪنهن سان به رابطي ۾ نه آهي، ۽ سندن ملاقات لڳ ڀڳ 30 منٽن تائين جاري رهي هئي.










