اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته عمران خان جي اک جي جاري علاج جي تسلسل ۾ وڌيڪ معائنو ۽ علاج هڪ خصوصي طبي اداري ۾ بهترين اکين جي اسپيشلسٽ کان ڪرايو ويندو ۽ ان جي تفصيلي رپورٽ پڻ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.
وفاقي وزيرِ اطلاعات عطا الله تارڙ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي وڌيڪ لکيو ته “هن معاملي تي قياس آرائين، بي بنياد خبرن ۽ ذاتي مفادن لاءِ ان کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوششن کان پاسو ڪيو وڃي.” هن چيو ته عمران خان کي ڪنهن به ٻئي قيدي کان وڌيڪ مراعتون حاصل آهن.
وفاقي وزيرِ اطلاعات عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته “جيل ۾ عمران خان سان مبينا بدسلوڪي بابت سندس خاندان جي فردن طرفان غلط بيانيو پکيڙيو پيو وڃي.”
سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته “عليمه خان ۽ آءِ ڪي خاندان جي ٻين فردن طرفان جيل ۾ بدسلوڪي ۽ خراب حالتن بابت جيڪو بيانيو بين الاقوامي ميڊيا ۾ پکيڙيو ويو، اهو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي.”
عطا تارڙ چيو ته “روزاني معمول ۽ خوراڪ بابت رپورٽ سمورا ابہام ختم ڪري ڇڏيا آهن.” هن دعويٰ ڪيو ته عمران خان کي جيل ۾ “سڀ سهولتون دستياب آهن ۽ کين ڪنهن به ٻئي قيدي کان وڌيڪ مراعتون حاصل آهن.”
ياد رهي ته اڊياله جيل ۾ قيد عمران خان طرفان علاج باوجود ساڄي اک ۾ صرف 15 سيڪڙو نظر باقي رهڻ جي شڪايت کان پوءِ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ 16 فيبروري کان اڳ عمران خان جي اک جو معائنو ڪرايو وڃي.
سندس صحت بابت خدشن کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته اڳوڻن رانديگرن ۽ فنڪارن به تشويش جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان تصديق ڪئي آهي ته ڇنڇر ڏينهن عمران خان جي پنهنجي پٽن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هو هاڻي سندس فوري علاج شروع ٿيڻ جي منتظر آهي.










