حڪومت 5 سال پراڻين گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي

حڪومت 5 سال پراڻين گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت 5 سال پراڻين گاڏين جي ڪمرشل درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 سال پراڻين گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهي گاڏيون 30 جون 2026 تائين درآمد ڪري سگهجن ٿيون، بيان موجب 5 سالن کان گهٽ پراڻين گاڏين تي 40 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي، جيڪا ايندڙ سال کان هر سال 10 سيڪڙو گهٽجي ويندي، ناڻي واري وزارت جي عملدارن موجب، درآمدي ڊيوٽي کي مالي سال 2029-30 تائين بتدريج ختم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو