حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل ڊيل جا شرط سامهون آڻي: فواد چوڌر

حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل ڊيل جا شرط سامهون آڻي: فواد چوڌر

اسلام آباد: (بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري حڪومت کان آءِ ايم ايف سان ڪيل ڊيل جا سمورا تفصيل سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته مهانگائي جي شرح 44 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي. بجلي ۽ تيل جي قيمت ادا ڪرڻ مڊل ڪلاس لاءِ ناممڪن ٿي ويو آهي.فواد چوڌري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ مطالبو ڪيو آهي ته اهڙين حالتن ۾ حڪومت کي آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڊيل تي مڪمل وضاحت ڏيڻي پوندي ۽ سمورين شرطن کي سامهون آڻڻو پوندو.هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ شامل سياستدانن جي مالياتي معاملن ۾ حيثيت تڪراري آهي. ان جي ڳالهين تي اکيون بند ڪري اعتبار نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو