اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين تي ليوي جي شرح وڌائي ڇڏي آهي.حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي ۾ 13.91 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول تي ليوي 117.41 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي گهٽائي 42.60 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل پريميئم مارجن 9.38 رپيا في ليٽر گهٽائي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل پريميئم مارجن گهٽائي 7.75 رپيا ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 14.92 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 414.78 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 414.58 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.حڪومت گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو، گاسليٽ ۾ 41.80 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 318.96 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ساڳئي طرح، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 21.7 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سان نئين قيمت 287.54 رپين کان وڌي 265.84 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، هوائي جهاز، جيٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ايندھن کي 53.11 رپيا في ليٽر وڌيڪ مهانگو ڪيو ويو آهي، جيٽ فيول جي قيمت 388.55 رپين کان وڌي 441.66 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي.










