اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اسد عمر پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي برطانوي فيصلي تي سوال اٿاري ڇڏيا.وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي برطانوي فيصلي تي سوال اٿاريندي چيو ته هر ملڪ کي پنهنجي شهرين جي صحت بابت حفاظت جي لاءِ فيصلا ڪرڻ جو حق آهي .برطانوي حڪومت جي فيصلي سان پاڪستان سميت ڪجهه ملڪن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي هڪ اصولي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ملڪن جي چونڊ سائنس تي ٻڌل آهي يا پرڏيهي پاليسي تي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان جو نالو برطانوي سفري پابندين جي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. پاڪستان کان علاوه فلپائن، ڪينيا ۽ بنگلاديش به ريڊ لسٽ ۾ شامل آهن.










