ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مرڪزي بئنڪ (اسٽٽ بئنڪ آف پاڪستان) جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت جو قرض 50 هزار 503 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بيان موجب جولاءِ 2021 کان جولاءِ 2022 جي وچ ۾ حڪومت جي قرضن ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو.حڪومت جو مقامي قرض 31 هزار ارب رپيا آهي، جڏهن ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت جو مقامي قرض 16 سيڪڙو وڌي ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بيان موجب حڪومت جو پرڏيهي قرض 19 هزار ارب رپيا آهي، جڏهن ته گذريل هڪ سال دوران پرڏيهي قرضن ۾ 49 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.ٻئي طرف پاڪستان تازو ئي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان 1.17 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو آهي، جنهن جي پهرين قسط ملي وئي آهي.










