اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي حڪومت پيٽرول جي اگهه ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ في ليٽر قيمت 272 کان 282 رپيا ٿي وئي آهي.هن چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 رپيا 78 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 186 رپيا 7 پيسا في ليٽر ٿي ويندي.ناڻي واري وزير چيو ته هاءِ اسپيڊ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي.پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان رات 12 وڳي کان ڪيو ويندو.










