حڪومت هارين لاءِ مالي پيڪيج جو اعلان ڪري

حڪومت هارين لاءِ مالي پيڪيج جو اعلان ڪري

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ھاري تحريڪ جي 48ھين سالگره سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويئي. مک تقريب ضلعي ٽنڊوالھيار جي نصرپور شھر ۾ ٿي گذري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر دلدار لغاري چيو ته برساتن ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ھاري ۽ ننڍو آبادگار ٿيو آھي. ھارين جا ڪکانوان گھر جھري پيا جنھن ڪري انھن کي روڊن شاخن جي ڪنارن تي پناھ وٺڻي پئي. برسات سبب گھرن ۾ پيل ڪڻڪ سميت سڄو سامان پڻ تباھ ٿي ويو آهي. مڇرن ۽ زھريلي جيتن ڪري سندن چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته مٿان وري حڪمرانن جي نااھلي ۽ پاڻي جا قدرتي لنگھ بند ھئڻ ڪري سندن ٻنين ۽ گهرن ۾ اڃان پاڻي بيٺو آھي ۽ کيس چيٽ پوکڻ جي به اميد ڪونھي. سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌي ھاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته برسات ۽ بيمارين سبب فوت ٿيل ھارين کي 50 لک معاوضو ڏنو وڃي. ھارين جي چوپائي مال جو نقصان کين ڀري ڏنو وڃي. ھر ھاري خاندان کي فوري طور گھر ٺاھڻ ۽ گذر لاء پندره لک معاضو ڏنو وڃي جئين ھو ايندڙ سردين کان پنھنجن ٻارن کي بچائي سگھي. تقريب کي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسماعيل خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻن ڪامريڊ غلام مصطفئ چانڊيو، انور رند، بلاول لاشاري، عوامي تحريڪ ضلعي صدر عبدالرحمان سمون، سنڌي ھاري تحريڪ ضلعي ٽنڊوالهيار جي چونڊيل صدر اسد نظاماڻي پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو