اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽروليم شين تي مڪمل رليف ڏيڻ بدران ڊيزل تي ليوي جي شرح وڌائي ڇڏي.پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب ڊيزل تي پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ 30 رپيا 30 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيٽرول تي 5 رپيا 50 پئسا، گاسليٽ تي 13 رپيا 10 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل تي 16 رپيا 29 پئسا ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي. .










