اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڊجيٽل رسائي ۽ ڪنيڪٽوٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.ورلڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن سوسائٽي ڊي تي جاري ڪيل پيغام ۾، هن چيو ته ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي اڄ تعليم، صحت، واپار ۽ عوامي خدمتن لاءِ بنيادي ضرورت بڻجي چڪي آهي.هن چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ ڊجيٽل رسائي معاشي موقعن ۽ معلومات تائين رسائي جو هڪ اهم ذريعو آهي، پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن استعمال ڪندڙن جو تعداد 205 ملين کان وڌي ويو آهي.آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ براڊ بينڊ استعمال ڪندڙن جو تعداد 161 ملين کان وڌيڪ آهي، يونيورسل سروس فنڊ ذريعي لکين ماڻهن کي براڊ بينڊ ۽ وائس سروسز فراهم ڪيون ويون آهن، فائبر نيٽ ورڪ ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪيشن ضابطن جي توسيع تي ڪم جاري آهي.هن چيو ته اقتصادي ترقي ۽ عوامي خدمتن جي واڌاري لاءِ قابل اعتماد ڪنيڪٽوٽي ناگزير آهي، آئي ٽي وزارت، پي ٽي اي ۽ موبائل آپريٽرز جون خدمتون قابل تعريف آهن.










