ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ عوامي ڀلائي جي ويزن تحت تاريخي ترقياتي رٿائن تي ڪم ڪري رھي آھي، مختلف ضلعن ۾ روڊن، ٽرانسپورٽ، صحت، تعليم، آبپاشي، توانائي ۽ شھري سھولتن جون رٿائون تيزي سان مڪمل ڪيون پيون وڃن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنھنجي آفيس ۾ مختلف وفدن سان ملاقات ڪئي ۽ سائلين جا مسئلا به ٻڌا. ان موقعي تي ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي اوليت منصوبن جو وقت سر پورائو، معيار جي نگراني ۽ عوام کي عملي فائدو پھچائڻ آھي. ڪراچي سميت سمورن شھرن ۾ بنيادي ڍانچي جي بھتري ۽ شھري ترقي جي رٿائن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ انقلابي قدمن جو مقصد شھرين کي محفوظ، آمراده ۽ جديد سفري سھولتون ڏيڻ آھي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت اسپتالن جي بھتري، جديد طبي سھولتن جي فراھمي ۽ عوام کي مفت علاج جي سھولت ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آھن، تعليم جي ميدان ۾ اسڪولن جي بحالي، تعليمي معيار کي بھتر بڻائڻ ۽ نوجوانن کي موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرام جاري آھن. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته ترقي جو اصل مقصد عوام جي زندگي کي سڻائو بڻائڻ آھي، سنڌ حڪومت عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي پاليسي ترتيب ڏئي رھي آھي، قدرتي آفتن، معاشي للڪارن ۽ ٻين مشڪلاتن جي باوجود سنڌ حڪومت ترقياتي سفر کي جاري رکيو ۽ عوامي خدمت جي مشن کان پوئتي نه ھٽي. ھن چيو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ وڏا ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيندا، جيڪي معاشي، سماجي ۽ شھري ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا.










