حڪومت سان اختلاف، بلاول پاران اسيمبلي ۾ تقرير ملتوي

حڪومت سان اختلاف، بلاول پاران اسيمبلي ۾ تقرير ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي بجيٽ تي پيپلز پارٽي ۽ حڪومت ۾ اختلاف حل نه ٿي سگهيا، جنهن جي ڪري بلاول ڀٽو احتجاج طور قومي اسيمبلي ۾ جاري بجيٽ بحث ۾ پنهنجي تقرير ملتوي ڪري ڇڏي.
پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب، سينئر پارٽي اڳواڻ نويد قمر پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بجيٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.
هن بريفنگ ۾، نويد قمر بلاول ڀٽو کي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي سان صلاح مشوري دوران شيئر ڪيل بجيٽ تجويزن ۽ انگن اکرن ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ اهم فرق آهن.
ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي قيادت بجيٽ ۾ انهن تضادن تي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پيپلز پارٽي حڪومت کان فوري طور تي وضاحت طلب ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي جي هڪ اعليٰ سطحي ٽيم جلد ئي ان مقصد لاءِ سرڪاري نمائندن سان رابطو ڪندي.
بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي معاملي تي پنهنجي تقرير به ملتوي ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو