لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت مزدورن کي انهن جا حق ڏيڻ بدران خيرات ڏئي عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، ۽ حڪمرانن ملي ڀڳت سان مزدورن جو استحصال ڪيو آهي.لاهور جي منصوره ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته عوام کي صرف بينظير انڪم سپورٽ سميت مختلف اسڪيمن ذريعي تسلي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته اصل مسئلا ساڳيا آهن.مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ٻئي پارٽيون گڏجي عوام کي دوکو ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته عام شهري کي وچولين ذريعي انهن جي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي.










