حيدرآباد: (ن س) وائلڊ لائيف (جهنگلي جيوت) کاتي ڪارروائي ڪندي 16 ناياب پيليڪن (ٻجهي) پکي هٿ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.اختيارين موجب، ٽيم انڊس هائي وي تي ڪريڪ ڊائون ڪيو، پکين کي دادو کان ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو، جڏهن ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اهڙي ريت، جوابدارن خلاف سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف وائلڊ لائيف کاتي جو چوڻ هو ته اسمگلنگ نيٽ ورڪ جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.ياد رهي ته پيليڪن ناياب آبي پکين ۾ شمار ٿيندا آهن ۽ انهن جو غيرقانوني شڪار ۽ وڪرو جهنگلي جيوت لاءِ هڪ سنگين خطرو تصور ڪيو ويندو آهي.










