حيدرآباد ۾ پوليس مقابلو، وارداتن ۾ ملوث 2 ڌاڙيل مارجي ويا

حيدرآباد ۾ پوليس مقابلو، وارداتن ۾ ملوث 2 ڌاڙيل مارجي ويا

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حدن ۾ ڪينٽ قبرستان ويجهو مبينا پوليس مقابلو ٿيو آهي. ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ ٻڌايو ته مقابلي دوران ڪيترن ئي ڌاڙن ۾ ملوث 2 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته جوابدارن جا 4 ٻيا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويل جوابدار شهر ۾ ٿيل 25 کان وڌيڪ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوث هئا. شاهزيب چاچڙ چيو ته جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڦريل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ شهر ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدارن جا مڙهه ضروري ڪارروائيءَ لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ سندن فرار ٿيل ساٿين کي پڪڙڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو