ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي جي مفرور جوابدار حماد صديقي جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي پاڪستان حوالي ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيڪي دبئي فرار ٿي ويا هئا. گهرو ۽ پرڏيهي معاملن واري کاتي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي.عدالت مفرور ملزم خرم نثار جي حوالي سان گهرو کاتي جي فوڪل پرسن کي به طلب ڪيو.عدالت درخواست تي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيس ۾ تقي حيدر، حماد صديقي ۽ خرم نثار روپوش آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل موجب، تقي حيدر سان لاڳاپيل دستاويز گڏيل عرب امارات موڪليا ويا آهن. ماهم امجد پنهنجي پيءُ جي مبينا قاتل تقي حيدر جي پاڪستان جي حوالي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.










