لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي حراست غيرقانوني قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حليم عادل شيخ جي حراست خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت حليم عادل شيخ جي حراست کي عيرقانوني قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت ٻيهر گرفتاري جي خدشي کي نظر ۾ رکندي حليم عادل شيخ جي 18 جولاءِ تائين حفاظتي ضمانت به منظور ڪري ورتي.لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته عدالت ۾ ڪو ليٽر پيش ناهي ڪيو ويو ته حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪرڻو آهي.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب حليم عادل شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن ڄامشوري ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.ذريعن موجب حليم عادل شيخ کي سرڪاري زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، هن ڪوڙن ڪاغذن تي بينڪ کان قرض ورتو هو.حليم عادل شيخ جي حراست خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.










