اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سردار محمد يوسف رياض پهچڻ کان پوءِ حج 2026 جي انتظامن بابت هڪ اهم اعلان ڪيو آهي، جنهن مطابق پاڪستان کان حج پانڌيئڙن جي پهرين اڏام 18 اپريل تي سعودي عرب پهچندي. رياض پهچڻ تي مسلم ليگ (ن) سعودي عرب جي عهديدارن وفاقي وزير جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته هن سال حاجين لاءِ رهائش، کاڌو ۽ سفري سهولتون وڌيڪ بهتر ڪيون ويون آهن، جيڪي سعودي وزارت حج ۽ عمره جي تعاون سان ممڪن ٿيون. هن چيو ته پهريون ڀيرو 25 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني حاجين کي حرمين هاءِ اسپيڊ ريلوي ذريعي مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ تيز رفتار سفر جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي.










