جکراڻي ۽ 4 ساٿين جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪريو، نيب

سکر(امداد علی ڪلوڙ) نيب وفاقي سرڪار کي خط لکي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ سندس چئن ويجهن ساٿين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي  آهي. جِن ۾ اعجاز جکراڻي جو مبينه فرنٽ مين نرمل داس، ڀول چند، ڪمليش ڪمار ۽ عبد الرزاق جا نالا شامل آهن. خط ۾ لکيو ويو آهي ته اعجاز جکراڻي ڪرپشن جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي ورتي آهي پر خدشو آهي ته هو پنهنجي ويجهن ساٿين سان گڏ پرڏيهه فرار ٿي ويندو، تنهن ڪري صوبائي صلاحڪار ۽ سندس ساٿين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. نيب سکر جي اختيارين طرفان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هڪ ٻيو ليٽر لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اعجاز جکراڻي جي مبينه فرنٽ مين سوڌو ٻين واپارين جي اڪائونٽس جا تفصيل گهريا ويا آهن. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ سندس ساٿين تي بي نامي ملڪيتون ٺاهڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جا الزام آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو