جڏهن ظلم کي قانوني حيثيت ملي وڃي، ايڊووڪيٽ نثار احمد

دنيا ۾ سامراجي، ظالم، وحشي رياستن سان گڏ ڌڪاريل، ڏوکايل ۽ مظلوم قومن جي هڪ وڏي لسٽ آهي. انساني وجود جي شروعات کان هينئر تائين هميشه طاقتور رياستن جبر، بربريت ۽ وحشي انداز ۾ غريب، مظلوم ۽ پٺتي پيل قومن، نسلن، علائقن، رياستن ۽ ملڪن جي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪري انهن تي قبضو ڪيو آهي. شروع ۾ طاقتور رياستون ڪاهون، فتحون ۽ نسل ڪشيون پنهنجي سلطنت جي وڌاء ۽ پنهنجي رياست جي عوام کي خطري کان بچاء واري بهاني سان ڪنديون هيون. وقت گذرڻ سان قبضن، ڪاهن، فتحن ۽ بربريت جا سبب ۽ طريقا به مختلف ٿيندا رهيا. دنيا ۾ جڏهن هر شيء لاء قانون ۽ ضابطن جو دور آيو ته طاقتور رياستن به پنهنجي ڪاھ، فتح، ظلم ۽ جبر کي قانون جو سهارو ڏنو. جنهن جو نتيجو وڏي رتو ڇاڻ کان پوءِ آزاديءَ جي صورت ۾ نظر ايندو.  اسان ويجهڙائي واري تاريخ ۾ ڏسنداسين ته ڪيترين ئي جابر رياستن ٻئي قوم ۽ ملڪن مٿان پنهنجي ظلم ۽ بربريت کي قانوني شڪل ڏني. برطانوي سامراج جو ئي مثال ڏسون. برطانوي سامراج جي مشهور قانوني ظلمن ۾ 1764 Suggar Act شامل آهي. هن ايڪٽ ذريعي آمريڪي کنڊ تي تمام وڏي ٽيڪس لڳائي وئي. هڪ ٻئي قانون ذريعي جڏهن Stamp Act 1765 سان اخبارن، رٻڙ، رسالن ۽ ڪاغذن تي ٽيڪس لڳايو ته اتان جو پڙهيل طبقو برطانوي سامراج جي خلاف اٿيو ۽ هڪ وڏي احتجاج جي روپ ۾ جنگ جي شڪل ڏئي نيٺ سوڀارو ٿيو ۽ برطانوي سامراج کي آمريڪا مان شرمناڪ حالت ۾ ڀڄڻو پيو. هاڻوڪي واري ڀارت جي ڄمون ڪشمير مٿان ظلم ۽ بربريت جي شرمناڪ قدم کي به قانون جو سهارو ڏنو ويو آهي. راج سڀا کانپوءِ لوڪ سڀا ۾ ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35A کي ختم ڪيو ويو. جنهن کي ڀارت جي لوڪ سڀا جي اسپيڪر 72 ووٽن جي مقابلي ۾ 367 ووٽن جي اڪثريت سان پاس ٿيڻ جو اعلان ڪري ڪشمير جي رياست واري خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. ڀارت جي آئين جي آرٽيڪل 35A کي ڪشمير جي راجا هري سنگھ 1948۾ عوام جي خواهش بغير ڀارتي وزير اعظم نهرو سان ڪيل معاهدي جي تحت شامل ڪري اهو چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت جي مرڪز جي يونين نه پر هڪ الڳ رياست هوندي جيڪا پنهنجي الڳ حيثيت سان قانون پاس ڪندي. ڀارت جي ٻئي ڪنهن شهري کي اتي ڪابه جائيداد خريد ڪري رهڻ جي اجازت نه هوندي. ان سان گڏ ڀارت جي آئين ۾ آرٽيڪل 370 شامل ڪري قانون پاس ڪيو ويو ته “ڀارت سان الحاق ڪندڙ رياستن کي هي اختيار هوندا جو اهي مرڪزي ڀارت جي قانون سان گڏ پنهنجا به قانون رائج ڪري سگهنديون” . انهن جو سڪو( ناڻو) ٻاهرين پاليسي، ملڪي دفاع، ۽ معيشتي امور مرڪزي حڪومت جي ماتحت هوندا، باقي ٻين معاملن ۾ اهي خود مختيار رياست جي حيثيت ۾ ڪم ڪنديون. جنهن ۾ انهن جو پنهنجو الڳ آئين، وزير اعلي، ترانو وغيره شامل آهي. ليڪن اها حيثيت ڀارتي پارليامينٽ ۾ ڪشميري ماڻهن جي سالن جي آزادي جي جدوجهد جي باوجود ختم ڪري ڀارت پنهنجي سيڪيولر شناخت تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ۽ قانوني طريقي سان هڪ نئين ظلم جي شروعات سان انٽرنيشنل قانون جون به ڌڄيون اڏايون آهن. هن نئين بل سان ڀارت جڏهن قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير جي مٿان قانون جي ذريعي ظلم ڪري سالن جي جدوجهد کي دٻائڻ چاهي ٿو ته اها ان جي وڏي غلطي هوندي. ڇو ته انهن قدمن کانپوءِ مظلوم قوم ۾ اڃا وڌيڪ جذبو اچي ويندو آهي. جيئن فرانس جي عوام 1792عيسوي ۾ ظلم جا قانون ۽ ظابطا لڳائيندڙ پنهنجي ظالم بادشاھ کي گهر ۾ ٻچن سميت قتل ڪري آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ئي دم پٽيو. رياست ڄمون ڪشمير کي تاريخ جي نظر سان ڏسون ته هي 1846 کان 1947 تائين نوابي رياست هئي جيڪا 1846 ۾ پهرين انگريز سک جنگ کان بعد تشڪيل ڏني وئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فوري طور امرتسر معاهدي جي تحت ڄمون جي ڏوگرا حڪمران کي وڪڻي ڇڏي. جڏهن پاڪ – ڀارت کي آزادي ملي ته ڪجھ رياستن جي ماڻهن کي حق ڏنو ويو ته هو جنهن سان چاهين الحاق ڪري سگهن ٿا. ڪشميري راجا عوام جي امنگن ابتڙ فيصلو ڪري هڪ وڏي نه ختم ٿيندڙ ظلم کي آغاز ڏنو. هڪ سال اندر پاڪ ڀارت جنگ جي شروعات ٿي جنهن کي گڏيل قومن ۾ قرارداد نمبر 7 /1948 آنديو ويو. جتي فيصلو ٿيو ته گڏيل قومن جي ڪميشن هوندي جيڪا عوام کان راء استصواب وٺي مسئلو حل ڪندي. ڪميشنز آيون ۽ ويون پر ڀارت پنهنجي مڪروه سازشن ذريعي اڄ ڏينهن تائين ڪشميري عوام مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي. ڀارتي حڪمرانن هميشه ان معاملي کي دهشتگردي جو نالو ڏئي پاڪستان جي مٿان الزام لڳايا آهن. اها انهن جي غلط فهمي آهي ڇاڪاڻ ته آزادي جي جدوجهد ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي. تحريڪ آزادي کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏئي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. اندروني معاملو قرار ڏيڻ ان جي بيوقوفي آهي ڇو ته اڄ جي دنيا ۾ انساني حقن کي ڪنهن ملڪ جو اندروني معاملو سمجهڻ بجاء عالمي معاملو قرار ڏنو ويندو آهي . سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان جبر اڳيان عالمي قانون پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندا?. ڇا OIC ڪشميرين مائن کي سهارو ڏئي سگهندي، ڇا هنن قانوني بلن ذريعي ڀارت جا حڪمران ڪشميرين جي آزادي روڪي سگهندا? ڀارت جو قانون ڀلي انهن مٿان پنهنجو گورنر ذريعي حڪم هلائي، انهن کي نئين دهلي جي ماتحت بڻائي، انهن جي اڳواڻڻ کي نظربند ڪري، انهن مٿان ڪرفيو لڳائي پاڻي، ماني، بجلي، نيٽ سروس، تعليمي ادارا بند ڪري، انهن مٿان گوليون ۽ گئس جا گولا وسائي، انهن جي ضعيف سياستدانن مير واعظ، فاروق عبدالله جي آواز کي دٻائي، انهن جي گهرن ۾ مظفر ۽ برهان واني جا لاش موڪلي، چاهي ڪيترائي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي، حقيقت ۾ آزاديءَ جي جذبي سان سرشار نوجوانن جون اکيون زهريلي گئسن سان ڀلي متاثر ڪيل آهن پر آزادي جي روشني انهن جي رهنمائي ڪري رهي آهي. ڇو ته جڏهن ارادو اٽل، عزم جوان، حوصلا بلند، ۽ قوم جو ٻچو ٻچو قرباني جي جذبي سان سرشار هجي ته تحريڪن جي ڪاميابي کي منزلن کان زياده پري نه ٿو ڪري سگهجي. وزير اعظم عمران خان سچ چيو هو ته “ڪشمير جي تحريڪ آزادي هڪ اهڙي فيصلي واري موڙ ۾ داخل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ٻار، پوڙها، جوان، ايتري قدر جو عورتون به بندوق ۽ گوليء جي خوف کان بي نياز ٿي ڪري دشمن فوجين جي گولين سامهون سينو تاڻي بيٺيون آهن” . حقيقت هي آهي ته ڪشمير جو عوام هاڻي اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جو سمورين قربانين جو قرض چڪائڻ چاهي ٿو. انهن جو اجتمائي شعور هي فيصلو ڪري چڪو آهي ته “هاڻي نه ته ڪڏهن به نه”. ڪشميرين پنهنجي 72 سالن جي جدوجهد سان اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ جي دور ۾ ڪنهن به قوم کي جنگ جي زور تي کٽي نه ٿو سگهجي. ڀارتي حڪمران چاهي پنهنجي ڪارن قانونن جي ذريعي ڪشمير کي فلسطين بڻائي پنهنجا ماڻهو آباد ڪرائي اقليت ۾ تبديل ڪرائين. اندرا گانڌي وارو سکن جي گولڊ ٽيمپل جو محاصرو، خالصتان تحريڪ جو زوال ۽ پنجاب ۾ قتل ڪرائڻ وارو تجربو آزمائي ڏسن. پر مسلمانن جي شهادت جي ذوق اڳيان ڪڏھن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. ڇو ته شهادت هڪ اهڙي راند آهي جنهن ۾ خون جي بازي لڳائڻي پوندي آهي. شهادت هڪ اهڙو ڏيئو آهي جيڪو صرف خون سان ٻرندو آهي ۽ ان جي روشني پري پري تائين نظر ايندي آهي. شهادت هڪ اهڙو سڌو رستو آهي جو سڌو جنت ڏي ويندو آهي. تحريڪون، جماعتون، ملڪ ۽ قومون شهيدن جي خون ۽ قربانين سان ئي بڻجنديون آهن. هي خون ۽ قربانين جو خلوص ۽ طاقت آهي جيڪا هر دل ۾ ڌڙڪندي آهي ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ اڳتي وڌڻ جو عزم رکندي آهي. ياد رکجي ته جنگيون سازوسامان سان نه بلڪ جذبن سان وڙهيون ۽ کٽيون وينديون آهن انهن لاء قربانين ۽ خون جي ضرورت هوندي آهي. هن خون جڏهن پنهنجو اثر ڏيکاريو ته دنيا فرانس ۾ نيپولين، روس ۾ زار، برطانيا ۾ ڪنگ جيمس قتل ٿيندي ڏٺو.ظلم کي قانوني شڪل ڏيڻ کانپوءِ ئي آمريڪا ۾ 1776ع، فرانس ۾ 1789ع جا انقلاب آيا. هاڻي هي قانون ڪشميرين جي آزادي جو پرواني طور ثابت ٿيندو. هاڻي ته جان جي بازي لڳائيندڙ ڪشميري ڪنهن جي مدد جي پرواه جا محتاج به ناهن. ڪشميري ته آزادي حاصل ڪندا. پر دنيا جي تاريخ ۾ آرٽيڪل 370 ۽ آرٽيڪل 35A جو خاتمو پاڻ سان گڏ ڪارو داغ ۽ سوال ڇڏي ويندو ته عالمي قانون جي آرٽيڪل 39 ۽ 42 جي جڏهن ڀارت ڀڃڪڙي ڪئي ته سڪيورٽي ڪائونسل اداري وارا ڇا ڪري رهيا هئا،? اقوام متحده جا ڪنوينشن ڪشميرين کي ڪهڙو انصاف ڏئي رهيا هئا? عالمي ويٽو رکندڙ ملڪ امن جي ڪهڙي حام هڻي رهيا هئا? OIC جا ڪهڙا ملڪ ڀارتي سفيرن کي گهرائي احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا هئا؟ عالمي عدالت ڪهڙي منهن سان پنهنجي اڳيان اکين تي پٽي ٻڌل ديوي جو مجسمو رکي غريبن جي برابري جي دعويدار هئي؟

پهنجو تبصرو موڪليو