جڊيشل ڪمپليڪس ڪيس، اعواڻ، شبلي ۽ عمر جي ضمانت ڪنفرم

جڊيشل ڪمپليڪس ڪيس، اعواڻ، شبلي ۽ عمر جي ضمانت ڪنفرم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن علي نواز اعواڻ، شبلي فراز، عمر ايوب ۽ عمر سلطان جي ضمانت منظور ڪري ورتي.جڊيشل ڪمپليڪس ۾ وڏي وزير علي امين گنڊاپور، عمر ايوب، شبلي فراز ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عمر ايوب، شبلي فراز، امجد نيازي، علي نواز اعواڻ ۽ ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته علي امين گنڊاپور عدالت ۾ پيش نه ٿيو.پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ڪجهه جوابدار اڄ پيش نه ٿي سگهيا، عدالت موجوده جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ڏئي.جج طاهر عباس سپرا پڇاڻو ڪيو ته علي امين گنڊاپور پيش نه ٿيو، خبر آهي ته پيش ٿيندو يا نه؟ وڪيل چيو ته علي امين گنڊاپور جي حاضري جي تصديق ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو، عمر ايوب کي لاهور ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻو آهي. جج طاهر عباس سپرا چيو ته علي امين گنڊاپور اڄ پيش نه ٿيو ته ضمانت منظور نه ٿي سگهي.وڪيل بابرواڻي چيو ته جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيڻ تي ضمانت جو حق حاصل ڪري وٺندو آهي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ اسد عمر جي درخواست به اي ٽي سي منظور ڪئي هئي.جج طاهر عباس سپرا چيو ته اهڙو فيصلو آهي جنهن ۾ ضمانت واري درخواست کي قابل قبول قرار ڏيڻ کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي نه ٿي سگهي. ضمانت واريون درخواستون واپس وٺڻ کانپوءِ به عدالت درخواستن تي ٻيهر ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو