جي ڊي پي ۾ واڌ 2.7 سيڪڙو رهي، معيشت درست رخ تي آهي

جي ڊي پي ۾ واڌ 2.7 سيڪڙو رهي، معيشت درست رخ تي آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اقتصادي سروي جاري ڪري ڇڏيو . وزير خزانه ٻڌايو ته اسان معاشي استحڪام ڏانهن اڳتي وڌي رهيا آهيون، هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ واڌ 2.7 سيڪڙو رهي، پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي. هن ٻڌايو ته گذريل سال پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو هو، جيڪو هاڻي گهٽجي 11 سيڪڙو ٿي ويو آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان اسان جو اعتماد بحال ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف ايس بي اي پروگرام حاصل ڪيو، نگران وزير خزانه جو پروگرام کي ٽريڪ تي رکڻ ساراهه جوڳو آهي. وزير خزانه چيو ته معيشت جي ڊي اين اي کي تبديل ڪرڻ لاءِ سڌارا ضروري هئا، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب پنجن سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، حڪومت ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته هر ٽرانسفرميشن لاءِ ٻه کان ٽي سال گهربل هوندا آهن، پاور سيڪٽر سڌارن ۾ هڪ سال ۾ تاريخي ريڪوري ٿي آهي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي گورننس ۾ بهتري آئي آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو مقصد ميڪرو اقتصادي استحڪام هو، عالمي واڌ جي مقابلي ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي واڌ ۾ ريڪوري ٿي، عالمي مهانگائي ٻه سال اڳ 6.8 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي گهٽجي 0.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ شاندار واڌ ٿي، اسان هاڻي جي ڊي پي جي استحڪام ڏانهن اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان هن وقت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي تازي قسط لاءِ مشڪلاتون هيون، ڀارتي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ان ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي، پر عالمي مالياتي ادارا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. وفاقي وزير چيو ته مقامي وسيلن کي وڌائڻ ترجيح آهي، تعميراتي شعبي ۾ واڌ 1.3 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال 3 سيڪڙو هئي، وڏي پيماني تي پيداوار جي واڌ گهٽجي 1.5 سيڪڙو رهي جڏهن ته ٽيڪسٽائل شعبي ۾ واڌ 2.2 سيڪڙو رهي. اقتصادي سروي رپورٽ مطابق پيٽروليم شين ۾ واڌ 4.5 سيڪڙو رهي، ڪيميڪل شعبي ۾ واڌ گهٽجي 5.5 سيڪڙو رهي، فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ واڌ 2.3 سيڪڙو رهي، ۽ کان ڪني ۽ کوٽائي شعبي ۾ واڌ گهٽجي 3.4 سيڪڙو رهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان مارچ تائين تعليم تي جي ڊي پي جو 0.8 سيڪڙو خرچ ٿيو، اعليٰ تعليم لاءِ 61.1 ارب رپيا رکيا ويا، مجموعي شرح خواندگي 60.6 سيڪڙو رهي جنهن ۾ مردن جي شرح خواندگي 68 سيڪڙو ۽ عورتن جي 52.8 سيڪڙو رهي، پرائمري سطح تي داخلا 2.483 ڪروڙ تائين پهتي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 269 يونيورسٽيون آهن جن مان 160 سرڪاري ۽ 109 نجي آهن، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت 60 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي آءِ ٽي، زراعت، کان ڪني، ۽ تعميراتي شعبن ۾ تربيت ڏني وئي. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته عالمي گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ٻوڏ 3.3 ڪروڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ 15 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، پاڪستان ۾ سال 2024 جو اوسط گرمي پد 23.52 ڊگري رهيو، پاڪستان ۾ سال 2024 ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪل آمدني 13.37 هزار ارب رپيا رهي، ٽيڪس آمدني ۾ 25.8 سيڪڙو واڌ ٿي، ٽيڪس آمدني 9.14 هزار ارب رپيا رهي، نان ٽيڪس آمدني ۾ 68 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا 4.23 هزار ارب رپيا رهي، ڪل خرچ 16.34 هزار ارب رپيا رهيا، ڪرنٽ خرچ ۾ 18.3 سيڪڙو واڌ ٿي، ڪرنٽ خرچ 14.59 هزار ارب رپيا رهيا، ترقياتي خرچ ۾ 32.6 سيڪڙو واڌ ٿي جيڪا 1.54 هزار ارب رپيا رهي، مالي خسارو 2.6 سيڪڙو رهيو ۽ پرائمري سرپلس 3 سيڪڙو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو