ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پيٽروليم شين جا اگھ وڌائڻ کي عوام دشمن قدم قرار ڏئي ڇڏيو ،حڪومت ڏکين حالتن م عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل م ڌڪي چڏيو آھي،پنھنجي جاري مذمتي بيان م سردار عبدالرحيم مطالبو ڪيو آهي ت قيمتن م ڪيل ھاڻوڪو اضافو بنا دير واپس ورتو وڃي ،اتحادي حڪومت پنھنجيون شاھ خرچيون گھٽائڻ بجاء عوام تي مھانگائي جو بم ڪيرائي رھي آھي ،ھن چيو ت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن م اضافو ڪري عوام کان ماني جو گرھ ب کسيو پيو وڃي،اتحادي حڪومت پاڪستاني عوام کي آئي ايم ايف جي بارودي سرنگهه طرف ڌڪي ڇڏيو آهي ،سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ت نااھل اتحادي سرڪار غريبن کي مارڻ لاء عملي قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن ،ڪرپٽ ء نااھل حڪومت جا نيب زده وزير پنھنجي ڪرپشن جو بار عوام تي وجھي رھيا آھن ،ڊالر ء سون تاريخ جي بلند ترين سطع آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيو آھي.










