جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي جي ضمانت منظور

جي ڊي اي اڳواڻ مرتضي جتوئي جي ضمانت منظور

نوشهروفيروز(ن س) غلام مرتضي جتوئي جي ڪيس دھشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ وڪيلن جي دليل ٻڌڻ کانپوء ضمانت منظور ڪئي وئي، وڪيل عبدالله ڪورائي موجب عدالت ٻن لکن جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي آھي، غلام مرتضي جتوئي کي عدالت ۾ پوليس پيش نه ڪيو،جج پاران جيل انچارج تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو،جيل انچارج کي پوئين بئنچ تي ويھاري ڇڏيو جيل انچارج جي بالا آفيسرن سان ڳالھائڻ جو موقعو ڏيڻ جي اپيل ڪئي،جج ڪاوڙ ۾ چيو ته مون وضاحت ناھي پڇي، خاموش ٿي ويھي رھو،وڪيل موجب عدالت مان مورو جي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو