اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام مخدوم جاويد هاشمي سان ٿيل ورتاءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.
جمعيت علماءِ اسلام جو چوڻ آهي ته مخدوم جاويد هاشمي ماضي ۾ به جبر ۽ فسطائيت جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي ۽ اڄ به ساڳئي ثابت قدمي سان بيٺل آهي.
بيان موجب، مخدوم جاويد هاشمي کي مولانا فضل الرحمان جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ سبب ذهني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ مٿس پنهنجو بيان واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. انڪار ڪرڻ تي سندس ملازمن کي کنڀي وڃڻ، سندس گهر ۽ پاڙي جي بجلي بند ڪرڻ ۽ کيس گهر اندر محصور ڪرڻ جهڙا قدم کنيا ويا آهن.
جمعيت علماءِ اسلام سوال اٿاريو آهي ته ڇا ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ ڪا جمهوري حڪومت اهڙي قسم جا قدم کڻڻ جو سوچي به سگهي ٿي؟
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي سڀئي ڪارروايون ان ڳالهه جو واضح ثبوت ۽ علامت آهن ته جمهوريت جي آڙ ۾ فسطائيت جي حڪمراني قائم آهي.










