جي بي  ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي، ن ليگ جو اتفاق

جي بي ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي، ن ليگ جو اتفاق

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو آهي ته گلگت ۾ سنگل لارجسٽ پارٽي (سڀ کان وڏي پارٽي) ئي حڪومت ٺاهيندي.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بلاول ڀٽو سان رابطو ڪيو ۽ گلگت بلتستان چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي تي کيس مبارڪباد ڏني. بلاول ڀٽو ۽ اسحاق ڊار اتفاق ڪيو ته گلگت ۾ سنگل لارجسٽ پارٽي ئي حڪومت جوڙيندي. ان کان علاوه گلگت بلتستان جي معاملن تي ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن گڏجي ويهڻ تي به اتفاق ڪيو. ان کان اڳ، وزيراعظم گلگت بلتستان اليڪشن ۾ ڪاميابي تي صدر زرداري کي مبارڪباد ڏني هئي ۽ مرڪندي چيو هو ته ”نوجوان بلاول اسان کان بهتر انتخابي مهم هلائي.“ ذريعن موجب، صدر آصف زرداري مرڪندي جواب ڏنو ته ”آخر پٽ ڪنهن جو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو