جي بي سياسي صورتحال تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ ويهڪ

جي بي سياسي صورتحال تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ ويهڪ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گلگت بلتستان جي سياسي صورتحال ۾ اھم بريڪ ٿرو، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اعليٰ سطح جي وفدن جي وچ ۾ گلگت ۾ ھڪ اھم مشاورتي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي جي لاءِ امڪاني فارمولن، سياسي سھڪار، گڏيل مشورن ۽ ٻين اھم معاملن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ۾ نيئر حسين بخاري، قمر الزمان ڪائرا، سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، پاڪستان پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ شامل ھئا، جڏھن ته مسلم ليگ ن طرفان سيفران جي وزير امير مقام، مسلم ليگ ن گلگت بلتستان جي صدر حافظ حفيظ الرحمان شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ حڪومت سازي بابت مختلف تجويزن ۽ امڪاني سياسي سھڪار جي امڪانن تي غور ڪيو ويو، جڏھن تھ ملڪي ۽ قومي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنھي وفدن اتفاق ڪيو ته حڪومت سازي بابت پنھنجون تجويزون مرڪزي قيادت آڏو رکيون وينديون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد جو چوڻ ھو ته گلگت بلتستان جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي کي سڀني کان وڏي پارٽي بڻائي گلگت بلتستان جي قيادت جو واضح مينڊيٽ ڏنو آھي. وفد چيو ته حڪومت سازي بابت سمورا فيصلا جمھوري اصولن، سياسي مشورن ۽ عوامي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو