اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل 4 آزاد اميدوار استحڪام پاڪستان پارٽي (IPP) ۾ شامل ٿي ويا.آزاد ميمبرن وفاقي وزير عليم خان سان ملاقات جي موقعي تي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. آءِ پي پي ۾ شامل ٿيندڙن ۾ جي بي اي 15 (GBA-15) ديامر مان محمد دلپذير، جي بي اي 21 (GBA-21) غذر 3 مان امان علي، جي بي اي 23 (GBA-23) گانڇي مان انور علي ۽ جي بي 24 (GB-24) گانڇي 3 مان اسد شفيق شامل آهن. محمد دلپذير موجب، اسان چئني اميدوارن هڪ گروپ ٺاهي آءِ پي پي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، ۽ اسان ٻين آزاد اميدوارن توڙي ايم وي ايم (MWM) جي اميدوارن سان پڻ رابطي ۾ آهيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٻين اميدوارن کي به آءِ پي پي ۾ شموليت جي دعوت ڏينداسين ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ ٻي وڏي پارٽي بڻجي اڀرنداسين.










