جي بي اسيمبلي، پولنگ 7 جون تي ٿيندي، شيڊيول جاري

جي بي اسيمبلي، پولنگ 7 جون تي ٿيندي، شيڊيول جاري

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي عام چونڊن جي شيڊول موجب اميدوار 16 اپريل کان 20 اپريل تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، جڏهن ته اميدوارن جي نالن جي فهرست 21 اپريل تي جاري ڪئي ويندي
نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 21 اپريل کان 28 اپريل تائين جاري رهندي.
ان کان علاوه، ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جي تاريخ 2 مئي مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اپيليٽ ٽربيونلز 9 مئي تي اپيلن جو فيصلو ڪندا.
اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 10 مئي تي جاري ڪئي ويندي ۽ اميدوارن کي چونڊ نشان 12 مئي تي الاٽ ڪيا ويندا، جڏهن ته گلگت بلتستان جي سڀني تڪن ۾ پولنگ 7 جون تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو