جيڪب آباد: (ن س) ٿاڻو ڳڙهي خيرو پوليس ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن گڏيل ڪارروائي ڪري منشيات فروش گرفتار ڪري ورتا.پوليس اختيارين ٻڌايو ته ٿاڻو ڳڙهي خيرو پوليس ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي دوران منشيات هٿ ڪري 2 بين الصوبائي اسمگلر گرفتار ڪري ورتا، خفيه اطلاع تي جاڙا واهه ويجهو ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته 30 ڪلو گرام چرس هٿ ڪئي وئي آهي، بين الصوبائي اسمگلرن جي ٻن سرغنن زاهد چانڊيو ۽ راشد مگسي کي حراست ۾ ورتو ويو. پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿ آيل منشيات بلوچستان کان سنڌ ڏانهن اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي ٻين ساٿين کي به پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.










