لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪندڙ 27 ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ بعد گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي مختلف ضلعن مان پي ٽي آءِ جا ڪارڪن جيل مان آزاد ٿيڻ بعد چيئرمين سان ملاقات لاءِ زمان پارڪ پهچي ويا.جلسي کانپوءِ جڏهن اهلڪار واپس وڃڻ لڳا ته پوليس مختلف علائقن ۾ چيڪ پوسٽن تي کين گرفتار ڪري ورتو.گرفتار ڪارڪنن جي لسٽ حاصل ڪئي وئي آهي.لسٽ موجب گرفتار ٿيل ڪارڪنن ۾ اڪثريت جو تعلق قصور، لاهور، گوجرانوالا ۽ سرگوڌا ضلعن سان آهي.پوليس ذريعن موجب گرفتار ٿيل اهلڪارن کي اڃا تائين ڪنهن به ڪيس ۾ نامزد نه ڪيو ويو آهي.










