جيجل امان اسڪول تعليمي ميدان ۾ نوجوانن کي نوان دڳ ڏئي رهيو آهي

جيجل امان اسڪول تعليمي ميدان ۾ نوجوانن کي نوان دڳ ڏئي رهيو آهي

گهوٽڪي(ڊ_ر)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ڪنراڻي چيو آهي ته جيجل امان اسڪول تعليمي ميدان ۾ نوجوانن کي نوان دڳ ڏئي رهيو آهي، اهڙي تعليمي اداري ذريعي هتان جي شاگردن جو مستقبل روشن ٿيندو.خبرموجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عادلپور ويجهو ڀٽائي آباد ۾ ايوي فائونڊيشن جي انتظام هيٺ هلندڙ جيجل امان پبلڪ اسڪول جو دورو ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته هن علائقي ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت اهڙي قسم جو بهترين تعليمي ادارو قائم ڪرڻ جو مثال نه ٿو ملي، هي ادارو مستقبل ۾ آئي بي اي سکر جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسڪول ۾ جديد دور جي گهرجن مطابق آرٽيفشل انٽيليجنس ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي تعليم سميت ووڪيشنل تربيت فراهم ڪرڻ وارو عمل هڪ بهترين قدم آهي جنهن سان هتان جي شاگردن کي ترقي طرف گامزن ٿيڻ لاءِ نوان وسيلا ملندا، سندن مستقبل روشن ٿيندو ۽ هي علائقو ترقي ڪندو.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ايوي فائونڊيشن جي سربراه منظور احمد سومرو کي بهترين تعليمي ادارو قائم ڪرڻ تي جس پيش ڪندي چيو ته اداري جي گهرجن بابت پروپوزل فراهم ڪيو وڃي ته جيئن صنعتي ادارن جي تعاون سان اسڪول جي بهتري لاءِ قدم کڻي سگهجن. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسڪول جي اڱڻ تي ٻوٽو پڻ لڳايو.ان موقعي تي پرنسيپال ظهور احمد چاچڙ، سرڪل آفيسر گهوٽڪي مقصود احمد سومرو،او ايس ممتاز علي ميراڻي ۽ حافظ قادربخش اعواڻ پڻ موجود هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو