جوهر ۾ رينجرز آفيس تي دهشتگردن جو حملو، 3 اهلڪار شهيد

جوهر ۾ رينجرز آفيس تي دهشتگردن جو حملو، 3 اهلڪار شهيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڇنڇر ڏينهن ڪراچي جي گلستانِ جوهر واري علائقي ۾ دهشتگردن پاران سنڌ رينجرز جي مقامي هيڊ ڪوارٽر تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته صوبي جي پوليس سربراهه موجب ابتدائي ڄاڻ مطابق ٽي دهشتگرد پڻ مارجي ويا.
ڊان سان ڳالهائيندي سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) جاويد عالم اوڍو چيو ته ابتدائي اطلاعن موجب حملو رينجرز جي مقامي هيڊڪوارٽر تي ڪيو ويو، جنهن دوران ٽي دهشتگرد به مارجي ويا.
صوبائي پوليس سربراهه وڌيڪ چيو ته شروعاتي طور تي اها تصديق نه ٿي سگهي آهي ته ڌماڪو به ٿيو هو يا نه، البت دهشتگردن پنهنجي گاڏي رينجرز هيڊڪوارٽر جي مکيه دروازي سان ٽڪرائي اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، جڏهن ته اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (SSU) جي ڪمانڊوز، اينٽي ٽيررسٽ فورس (ATF) ۽ رينجرز اهلڪارن سڄي علائقي جو گهيرو ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ، ڊان نيوز موجب علائقي مان شديد فائرنگ ۽ ڌماڪي جا آواز ٻڌڻ کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون وڏيون نفريون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.
جيو نيوز موجب، صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ريپڊ ريسپانس فورس ۽ پوليس ڪمانڊوز سميت خاص دستا واقعي واري هنڌ روانا ڪيا ويا. پوليس ۽ نيم فوجي دستن سڄي علائقي کي پڻ سيل ڪري ڇڏيو.
ريسڪيو 1122 سنڌ موجب، گلستانِ جوهر جي بلاڪ 5 ويجهو ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي مرڪزي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر مان امدادي ٽيمون فوري طور روانيون ڪيون ويون.
ترجمان موجب، ريسڪيو 1122 سنڌ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ڊاڪٽر عابد جلال الدين شيخ کي به وڏي وزير جي بحالي بابت صلاحڪار گيان چند اسراني ۽ ريسڪيو 1122 سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر (ر) واجد صبغت الله جي هدايتن تي واقعي واري هنڌ موڪليو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موسميات چوڪ ويجهو ڌماڪي ۽ مبينا فائرنگ جي اطلاعن جو نوٽيس وٺندي واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سندس ترجمان موجب، وڏي وزير سنڌ جي آءِ جي پوليس ۽ ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي سان رابطو ڪري هدايت ڪئي ته پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي، صورتحال تي ضابطو آڻي ۽ واقعي جي نوعيت بابت مڪمل جاچ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو