جهڪڻ ۽ وڪامڻ جا به طريقا هوندا آهن، غفور حيدري

جهڪڻ ۽ وڪامڻ جا به طريقا هوندا آهن، غفور حيدري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سيڪريٽري جنرل عبدالغفور حيدري چيو آهي ته جهڪڻ ۽ وڪامڻ جا به مختلف طريقا هوندا آهن پر جهڙي ريت پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ان سان هنن خلق کلائي آهي. هن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي خلاف عوامي نيشنل پارٽي جي الزامن بعد پي ڊي ايم کان علحدگي واري اعلان تي تبصرو ڪندي چيو ته تاريخ ۾ اهڙي بدنامي وارو عمل ڪو به نه ٿيو آهي. حيدري وڌيڪ چيو ته اي اين پي تسليم ڪيو ته اسان ياري دوستي ۾ اهو قدم کنيو ، اصول پنهنجي جاءِ تي هوندا آهن پر اهڙين حالتن ۾ شوڪاز نوٽيس ته ايندا آهن جيڪا خراب ڳالهه نه آهي. عبدالغفور حيدري چيو ته هي اتحاد تحريڪ لاءِ آهي نه ڪي چونڊن لاءِ ۽ تحريڪن سان اهي ماڻهو هلندا آهن جيڪي هر دٻاءُ کي برداشت ڪن ۽ ٻيڙيون ساڙي هلن. هي ته جيلن کان به ڊڄڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو