جن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي سزا مليي،ڀ غريب آهن

جن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي سزا مليي،ڀ غريب آهن

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته منهنجو ڀائٽيو شيخ راشد شفيق ڪڏهن به فيصل آباد نه ويو پر انهي کي به 9 مئي جي ڪيس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته ڀارت جي آبي جارحيت سبب پاڪستان جو هاري تباهه ۽ برباد ٿي ويو، پاڪستان جي هارين جي حقيقي معنيٰ ۾ مدد ڪئي وڃي. ٻوڏ سبب مهانگائي وڌندي، غريب پهريان ئي مريل آهي انهي کي انصاف ڏنو وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته فيصل آباد ۾ منهنجي ڀائٽي سميت 100 ماڻهن کي 10-10 سال جي سزا ٻڌاي وئي. منهنجو ڀائٽيو ڪڏهن به فيصل آباد نه ويو انهي ڪيس جو ڪوبه گواهه نه آهي.هن چيو ته اسان کي ڪيس وڙهڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، وڪيل ۽ گواهه سرڪاري آهن، خدا جي لاءِ انصاف کي عام ڪيو وڃي. جن غريب ڪارڪنن کي سزائون ڏنيون ويون آهن انهن جي گهرن جون حالتون ڏسو، جن ڪارڪنن کي سزائون ڏنيون ويون انهن جي گهرن ۾ کائڻ جي لاءِ به ڪجهه نه آهي.ياد رهي ته فيصل آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيسز ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل ۽ شيخ راشد شفيق سميت 100 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو