جنگ بندي معاهدي باوجود اسرائيلي بمباري ۾ 342 فلسطيني شهيد

جنگ بندي معاهدي باوجود اسرائيلي بمباري ۾ 342 فلسطيني شهيد

غزهه (ويب ڊيسڪ)جنگ بندي جي معاهدي جي باوجود، اسرائيل غزه جي پٽي ۾ هوائي حملا ڪيا، جنهن ۾ ٻارن سميت 300 فلسطيني مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.فلسطيني سول ايمرجنسي سروس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج صبح سوير غزه ۾ 35 هوائي حملا ڪيا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، غزه جي مختلف حصن، جن ۾ دير البله، خان يونس ۽ رفح شامل آهن، تي صبح سوير بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ 150 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا.غزه شهر ۾ تابعين اسڪول تي حملو ڪيو ويو ۽ المواسي ۾ پناهگير ڪئمپن کي به نشانو بڻايو ويو.19 جنوري تي حماس سان جنگ بندي جي شروعات کان وٺي اسرائيل پاران ڪيل هي سڀ کان وڏا حملا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو