طفیل مگسي
جنگيون ڪو پاڻ سان گڏ امن۔خوشحالي يا ترقي ناهن آڻينديون بلڪ۔اهي سدائين نه صرف پاڻ سان گڏ تباهي۔بربادي۔موت۔شڪست ۽ رسوائي آڻينديون آهن بلڪ عزت جو جنازو ڪڍڻ سان گڏوگڏ اعتماد ۽ نظرين جي ڀڄ ڊاھ به گڏ کنيون اينديون آهن۔
وڏا وڏا اتم نظريا ختم ٿي ويندا آهن۔شڪست کاڌل انسان ظاهر ۾ ئي نه بلڪ اندر ۾ به ڀور ڀور ٿي ويبدا آهن۔ڏٺو وڃي ته نظرين جو لاڳاپو اعتماد سان آهي ۽ اعتماد يقين جي پاڻين سان شاداب ٿيندو آهي۔يقين تيستائين غير متزلزل رهي ٿو۔جيستائين تجربي واري ڪسوٽي جي پرک تي پورو نٿو لهي۔ جيڪڏهن تجربي واري ڪسوٽي هن کي کوٽو ڪري وجهي ته پوء ڪيترائي نسل اهو يقين ٻيهر حاصل نٿا ڪري سگهن جيڪو ماضيء ۾ سندن طره امتياز رهيو هوندو آهي ۽ اهڙي صورت ۾ بي پناھ يقين به اعتماد واري شڪست کي ٻيهر ڳنڍڻ کان لاچار هوندو آهي۔چاڪاڻ ته ان يقين ۾ طاقت ناهي هوندي جيڪا سائيڪالوجي جي ڊپ چڙوچڙ ڪري چڏي هوندي آهي۔
عربن اسرائيل سان گڏ ٽي تباھ ڪندڙ جنگيون وڙهيون۔1948. 1967۽ 197ء مگر عرب ٽئي جنگيون نه صرف بري ريت هارجي ويا بلڪ 1973ء جي جنگ انهن جي شڪست۔عزت۔اعتماد ۽ يقين جي لاء موت ثابت ٿي ۽ سدائين جي لاء ٻڏڻ جو مقام بڻجي وئي۔سو به انهيء اسرائيل کان جنهن جي وزيراعظم عورت هئي ۽ انهيء سرمشاري واري شڪست کانپوء عرب وري ڪڏهن نه گڏ ٿي سگهيا ۽ نه ئي اسرائيل سان اکيون اکين ۾ ملائي سگهيا۔
عربن جو ٽنهيء جنگين ۾ هارجڻ جو وڏو ڪارڻ بنيادي طور تي بي عقلي۔جذباتي ناداني ۽ بنا جنگي پلان جي جنگين ۾ ڪڏي پوڻ هو۔جڏهن ته اسرائيل مڪمل تياري سان گڏ جنگين ۾ لٿو ۽ فتحون حاصل ڪيائين۔جنگ ۾ ڪا غيبي طاقت ڪم ناهي ايندي بلڪ اها نج مادي طاقت سان کٽي سگهجي ٿي۔مصر جي بهترين فوج ان وقت يمن ۾ وڙهي رهي هئي جيڪو ناصر جي لاء ويٽنام بڻجي چڪو هو۔اسرائيل جي خلاف جنگ ۾ هن رٽائرڊ فوجي جيڪي چاليهن پنجاهن سالن جا هئا لاٿا۔آمهون سامهون جي ويڙھ ۾ اسرائيل جا نوجوان فوجي انهن جي گولين کان جنن جيان بچي ٿي ويا ۽ مصري پوڙها هئڻ جي ڪري انهن جي ڳولين جو کاڄ ٿي بڻجي ويا۔مصري ڪمانڊر حڪيم عامر هڪ هوائي اڏي تي ويٺو نيرن ڪري رهيو هو ته اسراڏيلي جهازن تباهي برپا ڪري چڏي۔هن چونڊي چونڊي ڪري مصري هوائي اڏن تي بمباري ڪري سمورا جهاز دباھ ڪري چڏيا۔حڪيم عامر پنهنجو جهاز اڏائڻ ۾ ڪامياب ته رهيو۔ليڪن واپس لاهڻ مشڪل ٿي ويس۔چاڪاڻ ته هر اڏي تي باھ لڳل هئي۔
ٻيئي پاسي اردن جو بادشاھ شاھ حسين ڳجهي طور تي اسرائيل سان مليل هو۔جيڪو ميلاپ شاھ عبدالله مسئلو بڻيل هو چاڪاڻ ته ابهيء وقت اردن ۾ فلسطينين جو وڏو انگ آباد هو۔اردن ۾ انهيء بغاوت کي چٿڻ جي لاء پاڪستان جي آمر ضياالحق انهن کي گجر موري جيان وڍيو هو۔جنهن تي اسرائيل کي به چوڻو پيو ته اسان ڪيترن ئي سالن ۾ ايترا فلسطيني نه ماريا جيترا پندرهن ڏينهن ۾ ضياءالحق ماري ڏنا۔جيتوڻيڪ هن پنهنجي بادشاهت بچائڻ جي لاء اوڀر يروشلم اسرائيل کي ڏئي چڏيو۔اهڙي ريت ٻن هزارن سالن کانپوء پهريون ڀيرو يروشلم يهودين جي قبضي ۾ آيو۔جنهن تي تل ابيب ۾ شاندار جشن ملهايو ويو۔ٻيئي پاسي يهودي انهن فتحن کي خدا جي مرضي سان ڳنڍي رهيا هئا۔مگر فتحون ته هڪ نظريي کي جياپو ۽ شڪست ٻيئي نظريي کا موت ڏئي رهي هئي۔
انهن ئي شڪستن کان عرب تمام گهڻو اڳ سيڪيولر ٿي چڪا هئا۔اهو ته وچ ۾ جيڪڏهن سوويت يونين جي خلاف امريڪا نه ٿيئي ها ته سمورو عرب ڪڏهوڪو دبئي يا بيروت بڻجي وڃي ها۔اسرائيل عربن جو نظريو گهڻو اڳ تار تار ڪري چڪو هو۔اهوئي سبب آهي ته سعودي ۾ ڪم ڪرڻ وارا اڪثر پاڪستاني دوست ٻڌائين ٿا ته جيڪڏهن هو ڪفيل کان حج يا عمري جي موڪل گهرن ٿا ته ڪفيل انهن کي چئي ٿو منهنجي چوڌاري ست چڪر هڻو حج ٿي ويندو۔شراب ڪباب ۽ جوا عربن جي رڳ رڳ ۾ ويهي وئي آهي۔67 جي جنگ ٺيڪ رمضان ۾ لڳي هئي ۽ اڪثر فوجي روزي سان هئا۔اسرائيل جارح به هو ۽ غير قانوني رياست به هئي۔ظالم به هو۔ليڪن شڪست پوء به عربن کي ملي ۽ فتح اسرائيل کي ملي۔ دليري سان وڙهڻ جي باوجود ڪنهن غيبي طاقت مدد نه ڪئي۔نه ڪلمي۔نه روزي۔نه نماز۔نه نيڪي۔نه حج۔نه زڪوات ۔نه صدقا نه خيرات ڪم آيا۔عربن جي لاء اها مايوسي واري صورتحال هئي۔
اوهان کي اهو ٻڌي ڪري حيرت ٿيئي ته دنيا ۾ آزاد يا لبرل اڪانومي جو تجربو ڪرڻ وارو پهريون ملڪ سعودي آهي۔امريڪا لبرل اڪانومي جي شروعات سعودي کان ڪئي هئي۔اڄ جيڪو پاڪستاني سعودي ولي عهد جي سڌارن تي حيرت ڪري ٿو۔اهو سعودي جي انسانيت کان واقف ناهي چوته اسان وٽ به اهوئي انڌو يقين آهي جيڪو 73جي شڪست کان اڳ عربن کي هو۔اهي به اسان جيان پرٿوري جي ملڪيت جو حق صرف مسلمانن کي سمجهندا هئا۔اهي به صرف پاڻ کي درست ۽ باقي دنيا کي غلط سمجهندا هئا۔چوته ڪوڙي وڏائي جو خواب انهن کي به ڏيکاريو ويندو هو۔جيڪڏهن اڄ هڪ سروي ڪرائي وڃي ته 90 سيڪڙو ملحد عرب نڪرندا ته مادي تياري جي بنا حق ۽ سچ به ڪم نٿو اچي۔
انهيء سموري شڪست و ناڪامي جو ذميوار فوجي آمر جمال عبدالناصر هو۔جنهن عربن جي اعتماد کي پنهنجي ليڊرشپ جي لاءڄاڻي واڻي اسرائيل سان ٻه جنگيون وڙهيو۔جن ۾ هن کي يقين هو ته هو کٽي نه سگهندو۔ليڪن هن پرواھ نه ڪندي نظريي کي ماري چڏيو۔پاڪستان ۾ به خلائي مخلوق انهيء ڪوڙي غلط فهمي جو شڪار آهي ۽ مختلف مذهبي گروهن جي وسيلي قوم کي ترقي جا خواب ڏيکاري قيدي بڻائي رهيا آهن۔سعودي ته اڃا مودودي جي لٽريچر ۽ طارق جميل جي پارٽي تي پابندي هنئي آهي۔ليڪن ستت ئي اهڙيون ٻيون پارٽيون به انهيء لسٽ ۾ اچڻ واريون آهن۔
پاڪستاني عوام وٽ گهڻو وقت ناهي۔سعودي صرف پاڻ کي استعمال پيو ڪري ۽ جڏهن ته باقي دنيا پڻ اسان کان اڳ ۾ ئي خفا هئي۔
پاڪستان به فورن۔مذهبي گروهن تي ٿورو ڪنٽرول ڪري ملڪ کي سوشلسٽ ڪري چڏي ۽ اهوئي اڪليو رستو آهي جيڪو هن ملڪ کي محفوظ به ڪري سگهي ٿو ۽ مضبوط به بڻائي سگهي ٿو۔چاڪاڻ ته هاڻي آسماني ڳالهين سان ڪم نه هلندو بلڪ اسان کي زمين تي لهڻو پوندو نه ته هڪ جهٽڪو جيئن عربن جي اعتماد کي تباھ ڪيو هيائين اسان به نه انهيء جهٽڪي جي ور نه چڙهي وڃون۔ان ڪري اسان کي پنهنجي ئي ڪنهن مشڪل وقت ۾ ڪم اچي سگهي۔ملڪ جي ناڻي کي صرف پنهنجي ذات جي ترقي لاء اجايو ۽ فضول خرچ نه ڪريو۔










