اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪ بحريه جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪانفرنس نيول هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي گذري. ڪانفرنس جي صدارت پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ڪئي. ڪانفرنس دوران قومي سلامتي، جيو اسٽريٽجڪ معاملن، جنگي تيارين ۽ فوج جي تربيت بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي اين جي منصوبن تي جاري پيش رفت سميت مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ اڳتي وڌڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ خطي ۽ ان کان ٻاهر جي سامونڊي معاملن جو جائزو پڻ ورتو ويو. نيول چيف پاڪستان خلاف ڪنهن به جارحيت کي موثر انداز ۾ ناڪام بڻائڻ لاءِ مستقل جنگي تيارين کي برقرار رکڻ تي زور ڏنو. نيول چيف اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي حصول ذريعي صلاحيتن جي ترقيءَ لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايڊمرل پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي حفاظت ڪندي سمورن چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين جي اعليٰ مهاراتي حالت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.










