ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور 2017 کان گم ٿيل ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي بازيابي سان لاڳاپيل ڪيس ۾ سوال اٿاريو ته ڇا ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪنهن به شخص کي غائب ڪيو ويندو؟ جسٽس صلاح الدين پهنور سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 2017 کان گم ٿيل ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار عدالت ۾ بيان ڏنو ته سندس ڀاءُ محمد يوسف 2017 کان سائيٽ بي پوليس اسٽيشن جي حد مان گم آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري ڪٿي آهي؟ ان جي بازيابي لاءِ هن وقت تائين ڪهڙو قدم کنيو ويو آهي؟ ڇا سندس خلاف ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي؟ ڇا شهري ڪنهن سياسي پارٽي سان تعلق رکندو هو؟ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهري ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل هو.جسٽس صلاح الدين پهنور پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل آهي ته ڇا اهو غائب ٿي ويندو؟بعد ۾ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪندي گم ٿيل شهري جي بازيابي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو.










